بيت الله ۽ مسجد نبويءَ جي مختصر تاريخ

بيت الله ۽ مسجد نبويءَ جي مختصر تاريخ (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 44 صفحا آهن. قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد مان سال 1933ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو، ڇاپو اداره تبليغ الاسلام، ٽنڊوالهيار طرفان 1965ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو